Sindh Poetry in sindhi - شاھ عبداللطيف - sada loog

Find latest collection of  شاھ عبداللطيف Poetry in Sindhi. شاھ عبداللطيف  Poetry very famous in Pakistan and around the world. Read all love and sad Shayari 

 

وَڇِنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي سُهڻي
آن ڪا ڏيٺِي، مينهِنِ جي مِهارَ سين
شاھ


ملا مسيتن ۾ ماري ڪجن مڄ
ڀٽن پاسي ڀينگ ڪري سورين ڪوئين سڄ 
آکون تن جي اڄ لھي ڪينا
لطيف چئي

وسري سارو لوڪ, شال نـ وسرين تون 
توکي ڪيڏو مون, سانڊيو آھي ساھ ۾ 
شاھ عبداللطيف

سڄڻ ۽ ساڻيه ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو

کَرڪَڻا لاهي، سک نه سُتا ڪَڏهِين
اوسِيئڙو آهي، کاهوڙِنِ کي پَنڌَ جو.

سَهَسِين سائِرَ ٻوڙيون، مُنڌَ ٻوڙيو مهراڻ
وَهَ وڃائيو پاڻُ، هڻي ڪنڌ ڪپن سِين
شاھ 

مرج وٽ مِهارَ، متان موٽين سهڻي
ساهڙَ جا سِينگارَ، متان ڏَمَ ڏيکارِيَين
شاھ 

ڏٺي ٿئم ڏينهن، ڪُهُ ڄاڻان ڪهڙا پِرِين
نيڻ ڀرجي نينهن، پلٽئا پارِيون ڪري
شاھ 

ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي
اَندَرُ جَنِين اُڃَ ، پاڻي اُڃِئو اُنِ کي
شاھ 

آءُ اوراهون سپرين، ڏُکِيءَ ڏاگُھ مَ ڏَيجُ
پَيهِي گهرِ پُڇَيجُ ،ته هوتَ هَلاڪَتَ نه ٿِيَي.
شاھ صاحب 

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَتَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين

https://www.profitablegatecpm.com/htnsaqkqb5?key=c1ba6139b51654bc3b830bb295bd16a2