sindhi poetry sad

 
سُرَهو سَرُ وِڃائيو، ڪُوڙَنِ ڪانيَرنِ

رُٺا روھُ وَڃنِ، ڪِهِ هِيڻائيَ کان هَنجَڙا.

شاھ 

موکيءَ سندي مٽ ۾،سُري سَپ پيو.

ايء قضا ڪم ڪِيو،ڪونهي ڏوهه ڪلال جو


پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛ 
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو. 
سُرُ ڪلياڻ


ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جڏهن هنئين جِنِ
موٽي مون پِرِيَنِ، ڪَڍَڻَ جي ڪانَ ڪَئِي.
شاھ 

سُتِي سيجَ هُياسِ، مُنکي آھَ اُٿاريو 

جَنِين جاڳاياسِ، آئون نه جِيَندِي اُنِ رِي

شاھ

گُلَ گُلَ پَسِي گودڙيا، گهڻا مَ ڀانئيج

سوئِي سُڃاڻيج، هِي هُو آهي هَيڪَڙو.

شاھ


ڏَورِ مَ ڏِيا ڌارَ، ڏورِڻُ گهڻو ڏاکِڙو

ڪَوڙَين لَکَ هزارَ ، هن اونداهِيَ انڌا ڪِيا.

شاھ


جِهِ ڪارَڻِ جوڳي ٿِئا، جان جان سو نه پَسَنِ

تان تان سَناسِنِ، وِرِھَ وِهامَي راتَڙِي

شاھ


سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، هَنجَ هرِيوئي پيرُ

ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنهِيَ رَمزَ کي

شاھ 


سُکنِ واري سَڌَ، متان ڪا مون سين ڪري

اَندَرُ جَنِين اَڌَ، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون

شاھ 


ڏُونگَرُ نه ڏورَي، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪري

ويٺِي گهرِ گهورَي مَٿاءِ پِرِيَنِ جِندَڙو

شاھ 


اکِڙِيون اوڙاھَ ۾، اُڀو تَڪَي تارِ

پِٿُون جَي پاتارِ ،هَنجُ تَنِين جو هَيرَئُون.

شاھ صاحب 



Read more poetry in Sindhi 

Sindhi poetry text


https://www.profitablegatecpm.com/htnsaqkqb5?key=c1ba6139b51654bc3b830bb295bd16a2