sindhi poetry in sindhi text

Sindhi Poetry allows readers to express their inner feelings with the help of beautiful poetry. Sindhi shayari and ghazals is popular among people who love ...
 
اَلا کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِين مَنَ ۾
اسان ۽ پِرِيَنِ جون اُميدُون پَسَنِ
تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهِيَ سُورَ ۾


جِهڄي جهانءِ ڪري، ماٺِ نه اچي مون هِنئَين
سَڄَڻ سي ساري، هو جَنِين جو هيرِئو.


جاءِ نه سڄو ڏِينهُن، هنئڙو اوٺي وَڳَ جِنءَ
مُون پِرِيان سان نِينهُن، ڇَنَڻَ ڪارَڻِ ڪونَ ڪِئو.
شاھ


پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نه رهي پِرِيَ رِي
جِنءَ جهورِيَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِيو تِنءَ جهورِيَ پوي.
شاھ


جِنءَ سي کُوهِيَ نارَ، وَهَنِ وارِي گاڏُئان
هنئڙو پِرِيان ڌارَ، نِبَيرِيانسِ نه نِبِري.
شاھ


نيڻَ نِهائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان
اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين.
شاھ


ڪاتِبَ لِکين جِنءَ، لايو لامُ اَلفَ سِين
اسان سَڄَڻَ تِنءَ، رَهيو آهي رُوح ۾.
شاھ

https://www.profitablegatecpm.com/htnsaqkqb5?key=c1ba6139b51654bc3b830bb295bd16a2